ٽالپر مير عبدالرسول  مير

ٽالپر مير عبدالرسول مير

مير عبدالرسول مير ٽالپر

مير عبدالرسول ٽالپر ’مير ‘:ناليوارو شاعر ۽ اديب عبدالرسول ”مير“ ولد رئيس مهر علي خان ٽالپر 7 اپريل 1950ع تي ڳوٺ رئيس مهر علي خان ٽالپر تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. ايم. ايس. سي (فزڪس) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. هو هن وقت سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه ۾ پرنسپال آهي، کيس ادبي ۽ علمي دنيا ۾ شاعر، اديب، تعليمي ماهر ۽ پروفيسر جي حيثيت طور سڃاتو وڃي ٿو. هن لکڻ جي ابتدا 1970ع ۾ ڪئي. سندس ڪتاب ”سونهن ورونهن“ (شاعري) 2007ع ۾ شايع ٿيو. کيس بردو سنڌي اوارڊ 2005ع، جمال الدين ڀٽي اوارڊ 2005ع، پوئٽ آف دي ييئر 2006ع، ۽ لطيف اوارڊ 2005ع مليل آهن. سندس ذاتي ڪتب خاني ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن. هو هن وقت غريب آباد نواب شاهه ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو